لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي مقامي عدالت گلوڪار علي ظفر جي ميشا شفيع خلاف ساک کي ڇيهو رسائڻ واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
عدالت ميشا شفيع کي 50 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي هراسان ڪرڻ بابت پوسٽ ڪرڻ کان به روڪيو ويو.
ياد رهي ته ميشا شفيع علي ظفر تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام لڳايو هو، جنهن تي علي ظفر 2018ع ۾ ڏنڊ جي دعويٰ داخل ڪئي هئي.
ڪيس ۾ 20 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا ۽ 284 حاضرين دوران 9 ججن جون بدليون ٿيون.
You might also like