واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ تي برطانيا ۽ فرانس تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته برطانيا ۽ ٻيا ملڪ آمريڪا کان جيٽ فيول خريد ڪن يا همت ڪري هرمز وڃي تيل حاصل ڪن، آمريڪا هاڻي مدد نه ڪندو.
ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي چيو ته برطانيا ايران حڪومت کي ڪِيرائڻ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو جڏهن ته فرانس اسرائيل ڏانهن فوجي سامان کڻي ويندڙ جهازن کي پنهنجي فضائي حدن مان گذرڻ نه ڏيندو.
ٽرمپ چيو ته فرانس ايران جي قصاب جي حوالي سان تمام غير مددگار رهيو، اهو ياد رکيو ويندو.
آمريڪي صدر چيو ته جيڪي ملڪ آبناءِ هرمز سبب جيٽ فيول حاصل نٿا ڪن، انهن لاءِ تجويز آهي ته آمريڪا کان خريد ڪن، اسان وٽ جهجهي مقدار موجود آهي نه ته همت ڪري پاڻ وڃي حاصل ڪن.
ٽرمپ چيو ته آمريڪا هاڻي هر ملڪ جي مدد نه ڪندو، توهان کي پاڻ وڙهڻ سکڻو پوندو، آمريڪا هاڻي توهان جي مدد لاءِ موجود نه هوندو، جيئن توهان اسان سان گڏ نه هئا.
ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ايران بنيادي طور تباهه ٿي چڪو آهي، ڏکيو مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي، هاڻي وڃي پنهنجو تيل پاڻ حاصل ڪريو.
You might also like