پي ٽي آءِ چيئرمين جو واٽس ايپ هيڪ ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين گوهر علي خان جو واٽس ايپ هيڪ ٿي ويو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي گوهر علي خان چيو ته سندس واٽس ايپ نمبر اڄ صبح هيڪ ٿيو آهي ۽ اڪائونٽ به ڊليٽ ٿي ويو آهي.
هن چيو ته هيڪرز طرفان پئسن جون درخواستون ڪيون پيون وڃن، سڀني مالي درخواستن کي نظرانداز ڪيو وڃي.
پي ٽي آءِ چيئرمين موجب، هن معاملي تي لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.