ٽرمپ ايران خلاف جنگ ختم ڪرڻ چاهي ٿو: آمريڪي اخبار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) هڪ آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف جنگ ختم ڪرڻ چاهي ٿو.
رپورٽ موجب، ٽرمپ انتظاميا جي هڪ اهلڪار حوالي سان چيو ويو آهي ته ٽرمپ پنهنجن مشيرن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هو آبناءِ هرمز کولڻ کانسواءِ ئي جنگ ختم ڪرڻ چاهي ٿو.
آمريڪي اخبار موجب، صدر ٽرمپ آبناءِ هرمز کولڻ وارو پيچيده آپريشن بعد ۾ ڪرڻ چاهي ٿو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر چيو هو ته جيڪڏهن معاهدو نه ٿيو ۽ آبناءِ هرمز جلد نه کوليو ويو ته ايران جا بجلي گهر، تيل جا کوهه ۽ پاڻي صاف ڪرڻ وارا پلانٽ تباهه ڪيا ويندا.
آمريڪي صدر اهو به چيو ته اسان نون ماڻهن سان ڳالهين ۾ آهيون ۽ اهي اڳ کان وڌيڪ معقول ثابت ٿيا آهن.
وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولائن ليئوٽ پڻ چيو هو ته ايران سان جنگ بابت سٺي ڳالهه ٻولهه جاري آهي ۽ ايران آمريڪا جي ڪجهه تجويزن تي اتفاق ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.