تيل ۽ ڊيزل جا اگهه ۾ وڌي ويا

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
گڏيل عرب امارتن طرفان جاري ڪيل نون اگهن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
نون اگهن تحت سپر پيٽرول جي في ليٽر قيمت 2.59 درهم کان وڌي 3.39 درهم ٿي وئي آهي، جڏهن ته اسپيشل 95 پيٽرول 2.48 درهم کان وڌي 3.28 درهم في ليٽر ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت اي پلس 91 پيٽرول جي في ليٽر قيمت 2.40 درهم کان وڌي 3.20 درهم ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي ڊيزل جي قيمت ۾ سڀ کان وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي جتي في ليٽر قيمت 2.72 درهم کان وڌي 4.69 درهم ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.