ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايم ڪيو ايم پاڪستان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم مڪاني ادارن جي اختيارن جي ڳالهه ته ڪري ٿي پر چونڊن کان ڀڄي وڃي ٿي.
پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۾ گرائونڊ ٺاهڻ ۽ مذهبي هنڌن تي ترقياتي ڪم جي منظوري ڏني وئي آهي.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم چونڊن کان پاسو ڪري ٿي ۽ فاروق ستار جي ڳالهين کي اهميت نه ڏني وڃي.
شرجيل ميمڻ موجب، صوبي ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون سڀاڻي کان کوليون وينديون، آن لائين بدران فزيڪل ڪلاسز ٿينديون ۽ هفتي ۾ ٻه ڏينهن تعليمي ادارا بند رهندا.
Prev Post
You might also like