غيرقانوني اثاثا ڪيس\آغا سراج دراني وفات کان 5 مهينا پوءِ بيگناهه قرار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر مرحوم آغا سراج دراني کي وفات کان پنج مهينا پوءِ غيرقانوني اثاثن واري ريفرنس مان بيگناهه قرار ڏنو ويو آهي. نيب ڪورٽ ڪراچي ۾ 2019ع کان هلندڙ ريفرنس واپس وٺڻ لاءِ چيئرمين نيب پاران اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر منظور شاهه وسيلي درخواست داخل ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هاڻي هي ريفرنس نٿو ٺهي، ان ڪري کيس واپس وٺڻ چاهيون ٿا. نيب طرفان آغا سراج دراني، سندس گهر ڀاتين، ملازمن ۽ فرنٽ مين خلاف اثاثن جو ريفرنس داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾ مٿن فردِ جرم پڻ لاڳو ٿي چڪي هئي. جوابدارن تي مجموعي طور هڪ ارب 61 ڪروڙ 6 لک 69 هزار 528 رپين جا غيرقانوني اثاثا ٺاهڻ جو الزام هو. عدالت نيب جي درخواست تي ڪيس جي ٻين جوابدارن صنم دراني، شمشاد خاتون، سلميٰ ارشاد ۽ سيد محمد شاهه کي طلب ڪري ورتو آهي. نيب ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته حراست ۾ موجود جوابدار کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.