ميڊرڊ(عوامي آواز نيوز)اسپين ايران خلاف جاري جنگ جي حوالي سان اهم فيصلو ڪندي آمريڪي فوجي جهازن کي پنهنجي فضائي حدن جي استعمال کان روڪي ڇڏيو آهي۔ ان کان اڳ به اسپين گڏيل فوجي اڏن تائين ايران جنگ ۾ شامل آمريڪي جهازن جي رسائي تي پابندي لڳائي چڪو هو۔ اسپين جي دفاع واري وزير مارگريٽا روبلز ميڊرڊ ۾ صحافين سان ڳالههائيندي چيو ته اسان نه فوجي اڏن جي استعمال جي اجازت ڏينداسين ۽ نه ئي ايران جنگ سان لاڳاپيل ڪنهن به ڪارروائي لاءِ پنهنجي فضائي حدن جي استعمال جي اجازت ڏينداسين، هن فيصلي کانپوءِ آمريڪي فوجي جهازن کي پنهنجا رستا تبديل ڪرڻا پوندا، جڏهن ته هنگامي اڏامن کي هن پابندي کان آجو قرار ڏنو ويو آهي۔ هي قدم خطي ۾ وڌندڙ تڪرار دوران اهم سفارتي سگنل طور ڏٺو پيو وڃي۔