آءِ پي ايل جي مهانگي ترين رانديگر ڪئمرون گرين کي بالنگ نه ڏيڻ تي ڀارت ۾پٽڪو، آسٽريلوي بورڊ به ميدان ۾ اچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي مهانگي ترين پرڏيهي رانديگر ۽ آسٽريلوي آل رائونڊر ڪئمرون گرين کي ٽورنامينٽ ۾ بالنگ ڪرڻ کان روڪيو ويو .
ڪرڪيٽ آسٽريليا ڪئمرون گرين کي آءِ پي ايل ۾ بالنگ ڪرڻ کان روڪيو آهي، جنهن کانپوءِ مهانگي ترين ڪرڪيٽر جي بالنگ نه ڪرائڻ تي ڀارتي ميڊيا ۾ سوال اٿڻ لڳا آهن.
واضح رهي ته ڪئمرون گرين کي 25 ڪروڙ 20 لک ڀارتي رپين ۾ آءِ پي ايل جي فرنچائز ڪولڪتا نائٽ رائيڊرز (ڪي ڪي آر) خريد ڪيو هو.
ڪئمرون گرين آءِ پي ايل جي مجموعي طور ٽيون ۽ مهانگو ترين اوورسيز پليئر آهي، پر هن ڪي ڪي آر طرفان ممبئي انڊينز خلاف ميچ ۾ بالنگ نه ڪئي.
هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ ڪي ڪي آر کي شڪست کانپوءِ هر ڪنهن ڪئمرون گرين جي بالنگ ۾ غير موجودگي کي نوٽ ڪيو، جڏهن ته ڪي ڪي آر جي ڪپتان اجنڪيا رهاڻي ڪئمرون گرين بابت سوال تي چيو ته ” اهو سوال توهان ڪرڪيٽ آسٽريليا کان پڇو.“
ٻئي پاسي ڪرڪيٽ آسٽريليا جي ترجمان موجب ڪئمرون گرين کي چيلهه جي هيٺين حصي ۾ تڪليف سبب احتياط طور ڪجهه وقت لاءِ بالنگ کان روڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪي ڪي آر کي هن بابت باظابطا آگاهه ڪيو ويو هو.
ترجمان موجب، ڪئمرون گرين ڀارت ۾ بالنگ لوڊ جو خيال رکي رهيو آهي، هو 10 کان 12 ڏينهن ۾ بالنگ شروع ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.