پي ايس ايل: لاهور قلندرز بال ٽيمپرنگ ڪئي؟ شاهين آفريدي جو موقف سامهون اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي يارهين ايڊيشن جي ڇهين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز جي اننگز دوران بال سان” ڇيڙڇاڙ“ ڪرڻ تي لاهور قلندرز کي 5 رنسن جي پنالٽي کي منهن ڏيڻو پيو.
ميچ کانپوءِ ڪامينٽيٽر رميز راجا لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي کان ان بابت سوال ڪيو جنهن جي جواب ”ميچ جي آخر ۾ توهان کان بال ورتو ويو ڇو ته ان سان ڇيڙڇاڙ (بال ٽيمپرنگ) ٿي هئي، ان بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟
جواب ۾ شاهين آفريدي چيو” مون کي ڪا به خبر ناهي، ڪئميرائن ۾ ڏسنداسين، پوءِ ڳالهه ٿيندي ته اهو ڪنهن ڪيو.“ .
واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 ۾ بال سان ڇيڙڇاڙ تي لاهور قلندرز جي فخر زمان کي ليول ٿري ڏوهه ۾ چارج ڪيو
ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.