ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن پاڪستان ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ هزاري رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، پاڪستان ۾ في تولو سون 3 هزار 900 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 75 هزار 962 رپين جو ٿي ويو .
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 3 هزار 343 رپيا واڌ بعد 4 لک 8 هزار 60 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 39 ڊالر اضافي سان 4533 ڊالر جو ٿي ويو آهي.