ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور جي گهر ٻئي پٽ جي پيدائش ٿي آهي
بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور انسٽاگرام ذريعي مداحن کي پنهنجي گهر ۾ ننڍڙي مهمان جي آمد جي خوشخبري ٻڌائي.
سونم ڪپور پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته ”اسان کي اڄ 29 مارچ 2026 تي پنهنجي پٽ جي پيدائش جو اعلان ڪندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي.“
اداڪارا لکيو ته” اسان جي فيملي وڏي ٿي وئي آهي ۽ پٽ جي پيدائش سان اسان جا دل به خوبصورت انداز ۾ وڌيڪ وڏا ٿي ويا آهن.“
سونم وڌيڪ لکيو ته” وايو پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ جي آجيان ڪرڻ تي تمام خوش آهي ۽ اسان هن املهه نئين زندگي جي آمد تي تمام خوش آهيون، جنهن اسان جي گهر کي خوشي ۽ وقار سان ڀري ڇڏيو آهي، اسان هن نئين خوبصورت باب جي شروعات تي ٿورائتا آهيون.“
واضح رهي ته سونم ڪپور آنند آهوجا سان مئي 2018 ۾ شادي ڪئي هئي، آگسٽ 2022 ۾ سونم پهرئين ٻار کي جنم ڏنو ، جوڙي پنهنجي پهرين پٽ جو نالو ”وايو“ رکيو هو.