خدا انهن جون دعائون قبول ناهي ڪندو جيڪي جنگون شروع ڪندا آهن: پوپ ليو

ويٽيڪن سٽي (ويب ڊيسڪ) ڪيٿولڪ عيسائين جي مذهبي پيشوا پوپ ليو جنگ جي جواز لاءِ مذهب جو نالو استعمال ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي.
پوپ ليو سينٽ پيٽرز اسڪوائر ۾ پام آچر جي دعائيه تقريب دوران خطاب ڪندي جنگ جي جواز لاءِ مذهب جو استعمال ڪرڻ جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته”خدا انهن ماڻهن جون دعائون قبول ناهي ڪندو جيڪي جنگون شروع ڪندا آهن ۽ جن جا هٿ رت سان رڱيل هوندا آهن.“
خطاب دوران پوپ ليو ڌرين کان جنگ بندي ۽ ڳالهين جي اپيل پڻ ڪئي.
عرب ميڊيا موجب، ايران جنگ ۾ شامل اڳواڻ جنگي قدمن کي مذهب جي نالي تي جائز قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي وزيرِ جنگ پيٽ هيگسيٿ پڻ ايران جنگ کي عيسائين جي دشمنن کي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش طور بيان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.