اولهندي هوائن جو نئون سسٽم تيار ، ڪراچي ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته مضبوط اولهندي هوائن جو هڪ نئون سسٽم پهرين اپريل کان ملڪ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، جنهن جا اثر سنڌ ۾ برسات جي صورت ۾ نظر اچڻ جا امڪان آهن.
موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ 2 ۽ 3 اپريل تي برسات جو امڪان آهي، هن سسٽم سبب تيز هوائن ۽ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات پئجي سگهي ٿي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برساتي سسٽم ويجهو اچڻ سان ان جي وڌيڪ شدت جو صحيح اندازو لڳائي سگهبو.
موسميات کاتي موجب، هي سسٽم ملڪ جي مٿانهين ۽ ٻين علائقن تي 5 اپريل تائين اثرانداز رهڻ جو امڪان آهي، جنهن سان ملڪ جي اڪثر حصن ۾ موسم خوشگوار ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.