اسلام آباد (م ڊ) نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ملڪ جي اڪثر حصن ۾ گجگوڙ سان وڌيڪبرساتن ۽ جبلن تي برفباري جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن لوڌران، جهنگ، پشاور، باجوڙ، ملاڪنڊ ۽ موسيٰ خيل سميت مختلف علائقن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته اترين علائقن بابوسر ٽاپ، نانگا پربت ۽ بٽوگاهه ٽاپ تي برفباري جو سلسلو جاري آهي. شديد برساتن سبب اترين علائقن جي ندي نالن ۾ چاڙهه اچي ويو ۽ ٿڌ ۾ واڌ ٿي آهي. لاهور ۾ لڳاتار 6 ڪلاڪن تائين برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن تي صوبائي وزير بلال ياسين ايم ڊي واسا کي هدايت ڪئي آهي ته شهر جي هيٺانهن علائقن مان پاڻي جي نيڪال کي ترت يقيني بڻايو وڃي ۽ انڊر پاسز جي نگراني ڪيمرائن ذريعي ڪئي وڃي. ٻئي طرف ورشمي ڪلهه ۾ برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 3 ٻار فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن. اين ڊي ايم اي سمورن صوبائي ۽ ضلعي ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ خيبرپختونخوا جي جبلن تي وڌيڪ برفباري ٿي سگهي ٿي.