ڳڙهي خيري لڳ ڳوٺ تي راڪيٽ حملو، نينگري سميت 2 ڄڻا قتل، لاش رکي ڌرڻو

جيڪب آباد/ڳڙهي خيرو (نمائندا) ڳڙهي خيرو ڀرسان دوداپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد ملوڪ لهر ۾ هٿياربندن جديد هٿيارن ۽ راڪيٽ لانچرن سان گهرن تي  حملو ڪري ڏنو، نتيجي ۾ هڪ معصوم نينگري سميت 2 ڄڻا قتل ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. حملي ۾ گوليون لڳڻ سبب صدام حسين لهر ۽ معصوم نينگري ساجده لهر ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي کانپوءِ لهر برادري جي وارثن سردار طارق خان لهر جي اڳواڻي ۾ مقتولن جا لاش کڻي حسين آباد وٽ ڳڙهي خيرو-جيڪب آباد ويندڙ روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ڌرڻي واري هنڌ ئي مقتولن جي جنازي نماز پڻ پڙهائي وئي. ايس ايڇ او دوداپور صحافين کي ٻڌايو ته جوابدارن عبيدالله ميرالي ۽ حبيب الله ميرالي پاران مقتول صدام لهر کان 20 لک رپيا ڀنگ گهريو ويو هو، جيڪو نه ڏيڻ تي هنن ڳوٺ تي حملو ڪري خونريزي ڪئي. پوليس هڪ عورت جي فرياد تي ٻنهي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ۽ علائقي ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران سرگرمي تيز ڪئي وئي آهي، جڏهن ته واقعي کانپوءِ سموري علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس ڇانيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.