نيتن ياهو وزارت اعظميٰ تان هٽڻ کانپوءِ جيل ۾ ويندو

تل ابيب(عوامي آواز نيوز)نيتن ياهو خلاف ڪرپشن جا الزام هڪ ڀيرو ٻيهر تيز ٿي ويا آهن، جڏهن ته نئين جاچ رپورٽ ۽ مبينا وڊيوز سامهون اچڻ کان پوءِ سندس سياسي ۽ قانوني مشڪلاتون وڌي ويون آهن۔رپورٽن موجب معروف آمريڪي صحافي ٽڪر ڪارلسن دعويٰ ڪئي آهي ته هن وٽاهڙو دستاويزي مواد ۽ وڊيو موجود آهي، جيڪي نيتن ياهو خلاف قانوني ڪارروائي کي مضبوط ڪري سگهن ٿا ۽ کيس جيل تائين وٺي وڃي سگهن ٿا۔جاچ رپورٽ ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته نيتن ياهو هٿيارن جي واپارين کان قيمتي تحفا حاصل ڪيا ۽ ان جي بدلي ۾ کين ڪاروباري فائدا پهچايا۔ وڌيڪ اهو به دعويٰ ڪيو ويو آهي ته پوليس جاچ دوران نيتن ياهو پاڻ ۽ پنهنجي زال جي نالي تي تحفا وٺڻ جو اعتراف ڪيو۔رپورٽن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته هڪ مبينا وڊيو ليڪ ٿي آهي، جنهن ۾ نيتن ياهو کي جاچ ڪندڙ آفيسرن کي ڌمڪائيندي ڏيکاريو ويو آهي، پر هن وڊيو جي آزاد ذريعن کان اڃا تصديق نه ٿي سگهي آهي۔سياسي مبصرن موجب جيڪڏهن اهي الزام ثابت ٿي وڃن ٿا ته نيتن ياهو کي وزارت عظميٰ ڇڏڻ کان پوءِ قانوني ڪارروائي جو منهن ڏسڻو پوندو ۽ ممڪن طور جيل به وڃڻو پئجي سگهي ٿو۔ٻئي پاسي نيتن ياهو يا سندس آفيس طرفان هن وقت تائين انهن الزامن تي ڪو به باضابطه ردعمل سامهون ناهي آيو۔ماهرن جو چوڻ آهي ته هي معاملو  اسرائيل  جي سياست ۾ وڏو بحران پيدا ڪري سگهي ٿو، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ اڳ ئي سيڪيورٽي ۽ جنگي حالتن مان گذري رهيو آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.