پرڏيهه ۾ موجود پاڪستانين جا کربين رپيا واپس آڻڻ لاءِ حڪومت سندرا ٻڌي ورتا

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت پرڏيهه ۾ موجود پاڪستانين جي کربين رپين جي دولت کي واپس ملڪ آڻڻ لاءِ سنجيدگي سان غور شروع ڪري ڏنو آهي. حڪومتي ذريعن موجب، عالمي تناظر ۾ ٿيندڙ اعليٰ سطح جي اجلاسن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته هن وقت وچ اوڀر ۽ يورپ جي ملڪن ۾ پاڪستانين جا تقريبن 20 ارب ڊالر، جيڪي پاڪستاني روپين ۾ 5.6 کرب روپيا بڻجن ٿا، موجود آهن. اها رقم 2018 ۽ 2019 جي ايمنيسٽي اسڪيمن دوران ظاهر ته ڪئي وئي هئي پر پاڪستان منتقل نه ڪئي وئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڇڪتاڻ سبب هاڻي پاڪستاني پنهنجي دولت ڪنهن محفوظ ملڪ منتقل ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن لاءِ حڪومت روشن ڊجيٽل اسڪيم ذريعي هن رقم کي واپس آڻڻ تي غور ڪري رهي آهي. حڪومت اها به رٿابندي ڪري رهي آهي ته غير ملڪي ڪمپنين ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ شهرين کي به ان اسڪيم ۾ سيڙپڪاري جي اجازت ڏني وڃي. ان کان سواءِ، ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ اوورسيز پاڪستانين کي ٽيڪس ۾ رعايت ڏني ويندي، جنهن تحت جائيداد جي قيمت جي رڳو 10 سيڪڙو تي ٽيڪس وصول ڪيو ويندو. هيءَ سهولت ڪاري ڌن وارن لاءِ نه هوندي ۽ اها اسڪيم ايندڙ بجيٽ يا ان کان اڳ نافذ ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.