دادو(رپورٽ:غوث جھتيال ) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پيپلزپارٽيخلاف اتحاد ٺاهڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، ماضي ۾ به اهڙا اتحاد ٺهيا پر ڊگهو عرصو قائم نه رهي سگهيا، هن واضع ڪيو ته سياسي اتحاد ٺهندا ۽ ٽٽندا رهندا آهن، پر آخري فيصلو هميشه عوام جي هٿ ۾ هوندو آهي، نثار کهڙو زور ڀريندي چيو ته اتحاد صرف آئين ۽ جمهوريت جي تحفظ لاءِ ٿيڻ گهرجن، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي سياست به هميشه آئين ۽ عوامي حقن تي ٻڌل رهي آهي، جنهن لاءِ پارٽي وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي خلاف ٺهندڙ اتحاد عارضي هوندا آهن ۽ آخرڪار ٽٽي وڃن ٿا، ڇو ته عوام جو اعتماد پيپلزپارٽي سان گڏ آهي، وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳالهائيندي نثار کهڙو چيو ته پاڪستان اهم ثالثي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان جا ايران سان سٺا لاڳاپا آهن، پر ملڪ ڪنهن به جنگ جو حصو ناهي، هن اميد ظاهر ڪئي ته ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جلد ختم ٿيندي ۽ پاڪستان جي ڪوششن سان مثبت نتيجا نڪرندا، نثار کهڙو اهي ڳالهيون وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خاص منصور شاھاڻي جي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيون، جتي پيپلز پارٽي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايم اين اي رفيق احمد جمالي سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.