جيڪب آباد/ڳڙهي ياسين (نمائندن وٽان) ڳڙهي ياسين ويجهو کيرٿر ڪئنال لڳ نظام پٺاڻ جي باغ وٽ هٿياربندن ڊوزررڪشا تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي. فائرنگ سبب رڪشا ۾ سوار 34 سالن جو سائٿ پٽ نادر معرفاڻي موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهن ته نديم بروهي گوليون لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي رورل هيلٿ سينٽر ڳڙهي ياسين منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته هي واقعو مهر ۽ معرفاڻي برادري جي پراڻي خوني تڪرار جي نتيجي ۾ پيش آيو آهي، جنهن بابت وڌيڪ معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف اسپتال ۾ موجود مقتول جي وارثن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان جو مهر ۽ معرفاڻي تڪرار سان پري پري تائين ڪو به تعلق ناهي، پر ان باوجود هٿياربندن بي گناهه نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري اسان سان سخت ظلم ڪيو آهي. پوليس واقعي جي جاچ ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي.