اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته حڪومتي فيصلن جي ڪري ملڪ جي ضرورتن لاءِ پيٽروليم شين جو مناسب مقدار موجود آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايندھن جي بچت ۽ ڪفايت شعاري لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو. وڊيو لنڪ اجلاس ۾ اسحاق ڊار، وفاقي وزير احد چيما، محمد اورنگزيب، علي پرويز ملڪ، عطا تارڙ، مصدق ملڪ، احسن اقبال، شزا فاطمه ۽ اويس لغاري، گورنر اسٽيٽ بينڪ جميل احمد ۽ ٻيا لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدار شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومتي فيصلن جي ڪري ملڪ جي ضرورتن لاءِ پيٽروليم شين جو مناسب مقدار موجود آهي. هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ عوامي رليف کي اولين ترجيح ڏني وئي، جيترو ٿي سگهيو، گذريل ٽن هفتن ۾ عوام کي رليف فراهم ڪيو ويو، تيل جي قيمتن کي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت 125 ارب رپيا ڏنا، هي رقم مختلف بچت ۽ ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪري ڏني وئي. هن چيو ته عوام کي بچت مهم ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ۽ آفيسن ۽ ڪم جي جڳهن تي ٽيلي ڪانفرنسنگ کي ترجيح ڏني وڃي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته صوبائي حڪومتون موٽرسائيڪل ۽ رڪشا مالڪن کي سهولتون فراهم ڪن ته جيئن انهن جي رجسٽريشن انهن جي نالن تي ڪرائي سگهجي. هي قدم ملڪ ۾ موٽرسائيڪلن ۽ رڪشائن جي ڊيٽا کي ڊجيٽلائيز ڪندو، ۽ موٽرسائيڪل ۽ رڪشا مالڪن کي حڪومت پاران فراهم ڪيل رليف مان فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو.