پاڪستان،سعودي،مصر ۽ ترڪي گڏيل دفاعي معاهدو ڪرڻ وارا؟

لاهور(مزمل سهروردي+مبشر لقمان)پاڪستان،سعودي عرب،مصر ۽ ترڪي  پاڻ ۾ هڪ گڏيل دفاعي معاهدي جي ويجهو وڃي رهيا آهن. هن وقت جنگ جاري آهي، تنهنڪري ان جو اعلان شايد نه ٿي سگهي، پر ڳالهه انهيءَ طرف وڃي رهي آهي. ايران تي به ضرور ڳالهه ٿيندي، جڏهن ته معاهدي جي  معاملن جي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي. ٽيڪنيڪل ڪميٽين جون ملاقاتون ٿي چڪيون آهن، هاڻي پرڏيهي وزيرن جي سطح تي ڪجهه اڳڀرائي ٿيندي، پوءِ اڳتي هلي رياستن جا سربراهه گڏجي ان کي ڪا باقاعده شڪل ڏيندا. پاڪستان، سعودي عرب اڳ ۾ ئي شامل آهن، ۽ ان ۾ پوءِ ترڪي ۽ مصر به شامل ٿي سگهن ٿا. اهي چار ملڪ گڏجي دفاعي معاهدي ڏانهن وڌي رهيا آهن، جنهن ۾ آزاد واپار جا معاهدا به شامل ٿي سگهن ٿا ۽ دفاعي ٽيڪنالاجي جي منتقلي به ٿي چڪي آهي ۽ ٻين معاملن تي به ڪم ٿيو آهي،جڏهن ته جنگبندي لاءِ في الحال مون کي ڪو واضح رستو نظر نٿو اچي. جيڪڏهن پاڪستان جي جهازن کي آبناءِ هرمز مان گذرڻ جي اجازت ملي آهي، ته اها اجازت به ايران سان ڳالهه ٻولهه کان پوءِ ملي آهي. مطلب ته آبناءِ هرمز مان گذرڻ جي معاملي ۾ ايران جو اثر موجود آهي. جنهن کي ايران اجازت ڏئي، اهو وڃي سگهي ٿو، جنهن کي نه ڏئي، اهو نه وڃي سگهي ٿو. ان مان ظاهر آهي ته هن وقت ايران جو ڪنٽرول موجود آهي، ۽ آمريڪا يا ٻين جو مڪمل ڪنٽرول نه آهي.هاڻي ايران جي صورتحال اها ناهي جو چئي سگهجي ته هو شڪست کائي جنگبندي قبول ڪري وٺندو. هن وقت ايران جنگبندي لاءِ تيار نظر نٿو اچي، ۽ نه ئي اهڙا شرطون سامهون آيا آهن جيڪي ايران لاءِ قابلِ قبول هجن.ٻئي پاسي آمريڪا ۾ به اندروني دٻاءُ وڌي رهيو آهي. صدر ٽرمپ جي خلاف احتجاج شروع ٿي ويا آهن، جيڪي گهڻو ڪري نيريي رياستن ۾ ٿيا آهن. اڃا تائين ڳاڙهن رياستن ۾ وڏا احتجاج نظر نه آيا آهن. بهرحال ٽرمپ جي مقبوليت گهٽجڻ جون خبرون اچي رهيون آهن، تيل جون قيمتون وڌي رهيون آهن، ۽ اهو سڀ ڪجهه سندس لاءِ سياسي طور نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.ان صورتحال ۾ جنگ کي ڊگهو هلائڻ ٽرمپ لاءِ به ڏکيو ٿي سگهي ٿو، ڇو ته سياسي ۽ معاشي دٻاءُ وڌي رهيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 30 مارچ  2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.