اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو آهي، جنهن تحت پاڪستان کي 1.2 ارب ڊالر ملندا. آءِ ايم ايف پاران جاري ڪيل پڌرنامي موجب، ايگزيڪيوٽو بورڊ جي حتمي منظوري کانپوءِ پاڪستان کي توسيعي فنڊ سهولت تحت هڪ ارب ڊالر ۽ آر ايس ايف تحت 21 ڪروڙ ڊالر جاري ڪيا ويندا، جنهن سان پاڪستان کي مليل ڪل رقم 4.5 ارب ڊالر ٿي ويندي. عالمي مالياتي فنڊ جو چوڻ آهي ته پاڪستاني معيشت ۾ بهتري جا آثار آهن، مھانگائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ ڪنٽرول ۾ آهن، پر وچ اوڀر جي صورتحال معيشت لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي. پڌرنامي ۾ ٽيڪس نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ ايف بي آر ۾ اصلاحات تي زور ڏنو ويو آهي. آءِ ايم ايف موجب، غريب طبقي کي مھانگائي جي اثرن کان بچائڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي امداد ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تعليم ۽ صحت جي بجيٽ ۾ به واڌ ڪئي ويندي. آءِ ايم ايف وڌيڪ چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ مھانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ سخت پاليسي جاري رکندي ۽ ضرورت پوڻ تي شرح سود ۾ وڌيڪ اضافو به ڪري سگهجي ٿو. معاهدي تحت پاڪستان کي سرڪاري ادارن جي نجڪاري، بجلي جي اگهن ۾ سڌارا ۽ گردشي قرضن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻا پوندا. ان کان علاوه، ماحولياتي تبديلين سان وڙهڻ لاءِ گرين ٽرانسپورٽ ۽ ڪاربن جي اخراج ۾ گهٽتائي لاءِ به حڪومتي ڪوششون جاري رهنديون. حڪومت مالي سال 2026ع لاءِ 1.6 سيڪڙو پرائمري سرپلس جو هدف مقرر ڪيو آهي، جنهن کي ايندڙ سال 2 سيڪڙو تائين وڌايو ويندو.