سريلنڪا ۾ تيل جو بحران،عوام حڪومت تي ڏمريل

ڪولمبو(عوامي آواز نيوز)وچ اوڀر  ۾ جاري جنگ سبب عالمي تيل جي فراهمي متاثر ٿيڻ سان سريلنڪا ۾ ٻارڻ جي کوٽ ۽ مهانگائي تيزي سان وڌي وئي آهي، جنهن عوام کي 2022ع جي معاشي بحران جي ياد ڏياري ڇڏي آهي،آبناءِ هرمز مان سريلنڪا پنهنجي توانائي جي لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو ضرورتون درآمد ڪري ٿو۔ ملڪ وٽ صرف هڪ مهيني جي تيل جو ذخيرو  باقي آهي۔سريلنڪن حڪومت ٻارڻ  جي بچت لاءِ ٻيهر ڪيو آر ڪوڊ تي ٻڌل راشن نظام لاڳو ڪري ڇڏيو آهي۔نئين نظام تحت موٽرسائيڪل کي هفتي ۾ 8 ليٽر ٽڪ ٽڪ (رڪشا) کي 20 ليٽر ڪار کي 25 ليٽر بسن کي 100 ليٽر ڊيزل ۽ لارين/ڊمپرز کي 200 ليٽر ڊيزل ڏنو پيو وڃي جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ ٻارڻ جي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ 33 سيڪڙو واڌ ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ڀاڻ جي عالمي سپلائي متاثر ٿيڻ سبب سريلنڪا ۾ خوراڪ جي قيمتن ۾ به لڳ ڀڳ 15 سيڪڙو واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي،2022ع جي معاشي بحران دوران اڳوڻي صدر راجاپاڪسا جي حڪومت تي غلط معاشي پاليسين سبب ملڪ کي ڏيوالي ڪرڻ جا الزام لڳا هئا، جنهن کان پوءِ عوامي احتجاجن سبب کيس ملڪ ڇڏڻو پيو۔ هاڻي موجوده صدر انورا دسنائڪي جي حڪومت کي به ٻاهرين حالتن سبب نون چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔حڪومتي ترجمان موجب تيل مهانگو ٿيڻ تي بس ڀاڙن ۾ 12 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، پر جيڪڏهن قيمتون گهٽ ٿينديون ته ڀاڙا به گهٽ ڪيا ويندا۔ٻئي پاسي سريلنڪا جي عوام جو چوڻ آهي ته آمدني ۾ ڪو اضافو نه ٿيو آهي، جڏهن ته خرچ مسلسل وڌي رهيا آهن، جنهن سبب زندگي وڌيڪ ڏکي ٿي وئي آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.