پي ايس ايل: پشاور زلمي راولپنڊيز کي پنج وڪيٽن تان مات ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 11 هين ايڊيشن جي ٽين ميچ ۾ پشاور زلمي راولپنڊيز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ راولپنڊيز جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
راولپنڊيز مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 214 رنسون ٺاهيون. اننگز جي شروعات رضوان ۽ ياسر خان ڪئي ۽ ٻنهي رانديگرن بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو.
ياسر خان 83، ڪپتان محمد رضوان 41 رنسون ٺاهيون، ڪامران غلام 37، ڊيرل مچل 23 ۽ سيم بلنگز 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
پشاور زلمي طرفان فاسٽ بالر علي رضا 2 وڪيٽون ورتيون.
راولپنڊيز جو 215 رنسن جو هدف پشاور زلمي آخري اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
فاتح ٽيم جي محمد حارث 47 ۽ بابر اعظم 39 رنسون ٺاهيون، مائيڪل بريسوئل 35 ۽ عبدالصمد 11 بالن تي 33 رنس ٺاهي اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته مائيڪل بريسوئل کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.