بنون ۾ پوليس وين تي دهشتگردن جو حملو، اي ايس آءِ شهيد

بنون (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي علائقي بنون ۾ دهشتگردن جي پوليس وين تي حملي ۾ اي ايس آءِ شهيد ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب بنون ۾ هويد ٿاڻي جي حد ممه خيل جي علائقي ۾ دهشتگردن پوليس موبائل وين تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ شهيد ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو.
دهشتگردن فائرنگ کانپوءِ پوليس جي گاڏي ساڙي ڇڏي، واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي ڳري نفري، بڪتربند گاڏيون روانيون ڪيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.