لاهور (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ڪنگز مين جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي چيو آهي ته پي سي بي سان ڪو مسئلو ناهي، ٽيسٽ ڪوچ جو عهدو سٺي نموني ختم ٿيو ۽ هاڻي ڪو به مسئلو ناهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جيسن گليسپي چيو ته تياري سٺي ٿي رهي آهي ۽ پي ايس ايل لاءِ گڏ ٿيڻ جو وقت مناسب رهيو.
هن چيو ته رانديگرن جي محنت شاندار رهي آهي ۽ کيس سڀني تي فخر آهي، پي ايس ايل لاءِ پي سي بي ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي ڪوششن کي ساراهيو.
هن وڌيڪ چيو ته اميد آهي گلين ميڪسويل جلد ٽيم سان شامل ٿيندو، جڏهن ته صائم ايوب جو ڪردار واضح آهي ۽ هو بهترين رانديگر آهي.
جيسن گليسپي چيو ته معاذ صداقت ٽريننگ ڪري رهيو آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ ميچ لاءِ دستياب هوندو، ڪوئيٽا خلاف بهترين ڪامبينيشن ميدان ۾ لاٿو ويندو.
هن چيو ته رانديگر مختلف فارميٽن کي ترجيح ڏين ٿا ۽ خاص ڪري فاسٽ بالر لاءِ ٽئي فارميٽن کيڏڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.
You might also like