اسلام آباد (بيورو) پاڪستان کي عالمي بينڪ پاران توانائي شعبي ۾ سڌارن ۽ نون منصوبن لاءِ 10 ارب 70 ڪروڙ رپين جو نئون قرض ملڻ جو امڪان آهي. سرڪاري دستاويزن موجب، هن رقم کي ملڪ ۾ بجلي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٽرانسميشن لائنن جي بهتري تي خرچ ڪيو ويندو. ان ڏس ۾ ايشيائي انفراسٽرڪچر بينڪ ۽ اسلامي ترقياتي بينڪ پڻ پاڪستان جي مالي معاونت ڪندا. عالمي بينڪ پنهنجي رپورٽ ۾ پاڪستاني پاور سيڪٽر جي ڪمزورين جي نشاندهي ڪندي چيو آهي ته بجلي چوري، بلن جي گهٽ وصولي ۽ سسٽم ۾ ٿيندڙ نقصان وڏا چئلينج آهن. تجويز ڪيل نئون منصوبو 2026ع کان 2035ع تائين 10 سالن جي پروگرام جو حصو آهي، جنهن جي مجموعي ماليت 70 ڪروڙ ڊالرن تائين آهي. ان منصوبي تحت مٽياري کان رحيم يار خان تائين 500 ڪي وي جي هڪ وڏي ٽرانسميشن لائن وڇائي ويندي، جڏهن ته بيٽري اسٽوريج سسٽم ۽ اين ٽي ڊي سي ۾ فني سڌارا پڻ آندا ويندا. عالمي بينڪ زور ڀريو آهي ته پاڪستان کي توانائي وارن ادارن ۾ گورننس بهتر ڪرڻي پوندي ۽ بجلي جي فراهمي ۾ خانگي شعبي جي شموليت کي هٿي ڏيڻي پوندي.