تيل اگهه نه وڌائي مهانگائي جي طوفان کي روڪيو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي خطاب ڪندي عوام کي موجوده معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڪفايت شعاري اختيار ڪرڻ ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ غير معمولي اضافي باوجود حڪومت عوام تي  بوجھ وجھڻ بدران اربين رپين جي سبسڊي پاڻ برداشت ڪري رهي آهي. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم انڪشاف ڪيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 95 رپيا ۽ ڊيزل ۾ 203 رپيا في ليٽر اضافي جي تجويز هئي، پر عوامي تڪليفن کي ڏسندي اها رد ڪئي وئي. هن چيو ته عالمي حساب سان پيٽرول 544 ۽ ڊيزل 790 رپيا هجڻ گهرجي ها، پر حڪومت پيٽرول 322 ۽ ڊيزل 335 رپين ۾ فراهم ڪري رهي آهي. گذريل 3 هفتن ۾ حڪومت 125 ارب رپين جو بار برداشت ڪيو آهي. سفارتي محاذ تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ متحرڪ آهي. ايران ۽ نار وارن ملڪن جي قيادت سان رابطا ڪيا ويا آهن ته جيئن هڪ تباهه ڪندڙ جنگ کي روڪي سگهجي. هن ان عمل ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ نائب وزيراعظم جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم قوم تي زور ڀريو ته هو اتحاد ۽ ايڪي جو ثبوت ڏين، ڇاڪاڻ ته رڳو گڏيل ڪوششن سان ئي پاڪستان هن ڏکئي وقت مان سرخرو ٿي نڪري سگهندو. هن يقين ڏياريو ته حڪومت عوام کي وڌ کان وڌ تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ترقياتي بجيٽ جي قرباني ڏيڻ کان به پٺتي نه هٽندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.