سڪرنڊ/ حيدرآباد (نمائندن وٽان) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ کي هن وقت ٻن قسمن جي ماڻهن مان خطرو آهي؛ هڪ اهي جيڪي سنڌ کي ريڙهين تي سبزين وانگر کپائي رهيا آهن ۽ ٻيا اهي جيڪي خاموش تماشائي بڻيل آهن. سڪرنڊ جي مرحبا هال ۾ ”نئين سنڌ جي تعمير“ بابت منعقد ليڪچر پروگرام کي خطاب ڪندي ۽ حيدرآباد مان جاري ڪيل پنهنجي تازي بيان ۾ هن سنڌ حڪومت جي معاشي پاليسين کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. اياز لطيف پليجي سنڌ حڪومت پاران آبادگارن کي ڪڻڪ جو باردانو نه ڏيڻ واري فيصلي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته جڏهن به آبادگارن جا فصل لهن ٿا ته هٿرادو اگهه ڪيرايا وڃن ٿا. 3500 رپيا في مڻ ڪڻڪ خريد ڪرڻ آبادگارن جو معاشي قتل آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته فوري طور تي ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 4000 رپيا مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ۽ خريداري مرڪز قائم ڪري آبادگارن کان فصل کڻي. پنهنجي خطاب دوران پليجي وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ سنڌ جون دشمن آهن، جن پنهنجي مفادن خاطر سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اسڪولن ۾ فرنيچر ناهي، اسپتالن ۾ دوائون ناهن ۽ سرڪاري نوڪريون رشوت عيوض وڪامي رهيون آهن. هن حڪمرانن تي الزام مڙهيو ته انهن آئي ايم ايف جي هدايتن تي اهڙيون معاشي پاليسيون جوڙيون آهن جن سان صرف حڪمران طبقي کي فائدو پهچي رهيو آهي، جڏهن ته پورهيت طبقو تيزيءَ سان غربت جي اٿاھ گهرائيءَ ۾ ڪري رهيو آهي. هن سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي ڌرتيءَ ۽ مستقبل خاطر سجاڳ ٿين ۽ انهن سنڌ دشمن حڪمرانن خلاف آواز اٿارين. پروگرام ۾ ايڊوڪيٽ محبوب جوکيو، رسول بخش لغاري، مشتاق ماڃوٺو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي، جتي اياز لطيف پليجي کي اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.