ڪوڊ 19 ڪورونا وائرس ھڪ خطرناڪ ھئي جنھن ڪري پوري دنيا ۾ لاءِ ڊائون ۽ احتياطي اپاءَ وٺي ڪرونا وائرس کي منھن ڏنو ۔ ھن خطرناڪ بيماري ۾ لکين ماڻھو مري ويا ۽ انجو اثر عام ماڻھن تي پيو ۽ مھانگائي چوٽ چڙھي وئي ۔ ڪرونا وائرس کان وري 2025 کان شروع ٿيل جي ايران ۽ اسرائيل ۽ آمريڪا جي جنگ جيڪا 2026 ۾ وڏي جنگ ۾ تبديل ٿي وئي آھي ۔ جنھن ڪري وچ اوڀر جا ملڪ امتحان ۾ آھن ۔ ايران جي قيادت کي آمريڪا ۽ اسرائيل شھيد ڪري ڇڏيو ۽ جديد ۽ اھم ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آھي انجي جواب ۾ ايران به آمريڪا جا وچ اوڀر جي اڏن تي بمباري ڪري تباھ ڪري ڇڏيو آھي ۔ جنھن ۾ سعودي عرب ، قطر ، بحرين ، ڪويت عمان ، ايراق ۽ جتي جتي آمريڪا جا اڏا آھن انھن کي نشانو بڻايو آھي ۔
ان ۾ ڪو شڪ نه آھي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ ڪري پشيمان ۽ خوار ٿيو آھي ۽ سندس طاقت جون ڌڄيون اڏري ويون آھن، انجو سبب ته اسرائيل ۽ آمريڪا اقوام متحده جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي ۔ دنيا جي ملڪن مذمت ڪئي آھي انڪري يورپ جي ٻين ملڪن به اسرائيل ۽ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري چيو آھي ۔ انڪري ھن وقت صدر صدر ڊونلڊ ٽرمپ ھڪ قسم جو وائڙو ٿي ويو آھي سندس صبح جي ھڪ اسٽيٽمينٽ ۽ شام جي ٻئي اسٽيٽمينٽ آھي ۔ ھن وقت ايران ابنائي ھرمر ھڪ لنگهھ آھي جتان 20 سيڪڙو کان 25 سيڪڙو تيل جو گذر ٿئي ٿو ۔ ھن وقت ايران جو ان تي ڪنٽرول آھي ۔ آمريڪا يا وچ اوڀر جي ملڪن کي توانائي جي بحران کي منھن ڏيڻو پوندو ۔ جنھن جو اثر پاڪستان تي پيو آھي ۔ پاڪستان توانائي جي بحران کي منھن ڏيڻ جي لاءِ 15 ڏينھن اڳ تعليمي ادارا بند ڪري ڇڏيا آھن ۽ وري سمارٽ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو آھي ۔
سوال اھو آھي ته ھاڻي ملڪي يا بين الاقوامي حالتون ھڪ جھڙيون نه رھنديون ان لاءِ لاءِ ڊائون يا ادارا بند ڪرڻ ڪو مستقل حل نه آھي ۔ سرڪار کي پنھنجا وسيلا کي بھتر استعمال ڪرڻ ، ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جھڙن ذخيرن جي لاءِ ريفائنري انڊسٽري قائم ڪرڻ ۽ ايران سان تيل ۽ گئس جا معاهدا ڪرڻ ۽ انھن کان وٺڻ ھڪ بھترين قدم ھوندو ۔ ان سان ملڪ ۾ عام ۽ غريب عوام کي فائدو پھچندو ۔ ھن وقت موجوده صورتحال ۾ لاڪ ڊائون ۽ اھڙن وقتي فيصلن سان ملڪ جي تعليم تي اثر پوي ٿو مھانگائي عروج تي پھچي ٿي. عام مزدور غريب مسڪين ماڻھن کي سرڪار جي طرفان ڪو رليف نه آھي ۔ انھن جي زندگي گذارڻ مشڪل ٿي پوي ٿي ۔ روزمرھ جون شيون مهانگيون ٿيڻ ڪري صحت جا مسئلا ، ڏوھن جو وڌڻ ، بک ۽ غربت ۽ ٻيا انيڪ مسئلا ڪر کڻن ٿا ۔ ھن وقت عوام کي وڌيڪ پريشانين ۽ ڳڻتين ۾ وجھڻ آھي سنڌي ۾ چوڻي مشھور آھي ڪاڏي منھن مريم جو ڪاڏي ٽنڊوالهيار۔ جنگ ايران ، اسرائيل ۽ آمريڪا جي پر جتي جنگ آھي اتي عوام جئين معمول جي زندگي گذاري رھيو آھي ۔ ڪا شئي بند نه آھي نه وري پريشاني ۔ ان ڪري پنھنجي وسيلن کي بچائڻ ۽ صحيح استعمال ڪرڻ ، ويجھي ملڪن ايران کان توانائي خريد ڪرڻ وقت جي ضرورتن ۽ عوام ۽ ملڪ کي ترقي وٺرائڻ ھڪ بھتر ۽ جٽادار حل ھوندو ۔ تنهن ڪري لاڪ ڊائون مستقل حل نه آھي انجي لاءِ پنھنجي پاڻ کي پاليسين ۽ فيصلن کي وقت ۽ مستقل لاءِ سوچڻو پوندو ۔ جنھن ۾ ملڪ جي ترقي ، عوام جي ترقي ۽ غربت مان نڪرڻ ممڪن آھي ۔