ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه هڪ هزار رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز موجب، پاڪستان ۾ في تولو سون هڪ هزار رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 67 هزار 262 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ان کانسواءِ 10 گرام سون 858 رپيا لاٿ سان 4 لک 601 رپين جو ٿي ويو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 10 ڊالر گهٽتائي سان 4445 ڊالر ٿي ويو آهي.
You might also like