نيوزيلينڊ بدران پاڪستان ۾ علاج کي ترجيح، مائيڪ هيسن جي چيلهه جي ڪامياب سرجري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن جي لاهور جي مقامي اسپتال ۾ چيلهه جي ڪامياب سرجري ٿي آهي.
ذريعن موجب، مائيڪ هيسن کي چيلهه ۾ تڪليف هئي، مائيڪ هيسن نيوزيلينڊ بدران لاهور ۾ علاج ڪرائڻ کي ترجيح ڏني.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن مائيڪ هيسن جي ڪامياب سرجري ڪئي، ڊاڪٽرن کيس ٻن هفتن تائين آرام جو مشورو ڏنو آهي.
ذريعن موجب، مائيڪ هيسن علاج کانپوءِ واپس نيوزيلينڊ ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.