ايران جي شهر قم تي اسرائيلي حملي ۾ 18 ڄڻا شهيد

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي شهر قم تي اسرائيلي حملي ۾ 18 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
ايراني ميڊيا موجب، ايران جي شهر قم تي ٿيل حملي ۾ 18 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، هي حملو اڄ صبح شهر جي پارديسن واري علائقي ۾ ٿيو.
شروعاتي طور هن حملي ۾ 6 ڄڻن جي شهادت جي تصديق ڪئي وئي هئي، جيڪا هاڻي وڌي 18 ٿي وئي آهي.
اطلاعن موجب ان حملي ۾ 10 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن.
ايراني هلال احمر سوسائٽي جو چوڻ آهي ته حملو رهائشي علائقي ۾ ٿيو آهي ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون آهن ريسڪيو سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.