آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان مڙهيل جنگ ۾ هنيئر تائين 1900 ايراني شهيد ٿي چڪا: هلال احمر

تهران (ويب ڊيسڪ) عالمي فيڊريشن ريڊ ڪراس ۽ هلال احمر سان واڳيل هڪ اهلڪار جمعي ڏينهن چيو آهي ته ايراني هلال احمر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب، آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين ايران ۾ 1900 کان وڌيڪ شهري شهيد ٿي چڪا آهن ۽ گهٽ ۾ گهٽ 20000 زخمي ٿيا آهن.
برطانوي ميڊيا موجب، ماريا مارٽينيز چيو آهي ته ايراني هلال احمر ملڪ ۾ قومي سطح تي ڪم ڪندڙ واحد امدادي تنظيم آهي، جنهن جون جاري تڪرار باوجود سڄي ملڪ ۾ پنهنجون سرگرميون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.