نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت وچ اوڀر ۾ جي صورتحال سبب وڌندڙ اگهن کي نظر ۾ رکندي پيٽرول ۽ ڊيزل تي ٽيڪس گهٽائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ڀارتي ناڻي واري وزير نرملا سيتارامن چيو آهي ته واهپيدارن تان ٻوجهه گهٽائڻ لاءِ ٽيڪس ۾ 10 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته ڀارت پنهنجي 85 سيڪڙو تيل جون گهرجون درآمد ذريعي پوريون ڪري ٿو، جڏهن ته حڪومت ڊيزل ۽ جيٽ فيول جي برآمد تي فيس لاڳو ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي.
You might also like