تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي اپوزيشن اڳواڻ يائر ليپڊ حڪومت تي الزام مڙهيو آهي ته هو بنا حڪمت عملي جي گهٽ فوجين کي جنگ ۾ موڪلي رهي آهي.
هن چيو ته ”اسرائيلي فوج پنهنجي حد تائين پهچي چڪي آهي ۽ حڪومت فوجين جو رت وهائي رهي آهي”
هن وڌيڪ چيو ته ريزرو فوجي ٿڪجي چڪا آهن ۽ هاڻي سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت گهٽجي وئي آهي.
ليپڊ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته الٽرا آرٿوڊوڪس يهودين کي به فوج ۾ ڀرتي ڪيو وڃي، جيڪي 1948ع کان فوجي خدمت کان آزاد رهيا آهن.
”اسرائيلي فوجي ٿڪجي پيا آهن“ اپوزيشن ليڊر جي نيتن ياهو تي تنقيد، آرٿوڊوڪس يهودين کي به فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ جو مطالبو
You might also like