حسن جي مقابلي دوران اميدوار جا نقلي ڏند ڪِري پيا، وڊيو وائرل

بئنڪاڪ(ويب ڊيسڪ) ٿائيلينڊ جي مشهور حسن جي مقابلي ”مس گرينڊ ٿائيلينڊ“ ۾ تقرير دوران هڪ اميدوار جا نقلي ڏند اسٽيج تي ڪِري پيا، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
ايونٽ دوران پيش آيل اوچتي واقعي سڀني جو ڌيان کي پاڻ ڏانهن ڇڪائي ڇڏيو، پر دلچسپ ڳالهه اِها هئي ته اميدوار وڏي مهارت ۽ اعتماد سان صورتحال کي سنڀالي ورتو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب مقابلي ۾ شامل اميدوار ڪمولووان چاناگو شروعاتي مرحلي ۾ پنهنجو تعارف پيش ڪري رهي هئي جنهن دوران سندس ڊينٽل وينيرز نڪري پيا، جنهن سبب ڪجهه لمحن لاءِ اسٽيج تي خلل پيدا ٿيو.
جيتوڻيڪ هي منظر ججن ۽ موجود ناظرين آڏو پيش آيو، پر ڪمولووان چاناگو گهٻرائڻ بدران پرسڪون رهي ۽ ٿوري دير لاءِ مڙي پنهنجا ڊينٽل وينيرز درست ڪيا ۽ ٻيهر اعتماد سان پنهنجي پرفارمنس جاري رکي.
اميدوار جي پراعتماد ۽ پيشيوراڻي رويي حاضرن جون دليون کٽي ورتيون ۽ هال تاڙين سان گونجڻ لڳو.
ان کانپوءِ هن ايوننگ گائون ۾ پوز ڏيندي ڪئميرا آڏو مرڪندي پنهنجي پرفارمنس مڪمل ڪئي، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هجي.
واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جتي واهپيدار سندس حوصلي ۽ پروفيشنل انداز کي ساراهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.