ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت امتحانن ۾ ڪاپي جي روڪٿام لاءِ واٽر مارڪنگ سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
بورڊز ۽ يونيورسٽيز واري صوبائي وزير اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ امتحانن جي تيارين بابت اجلاس ٿيو
اجلاس دوران صوبائي وزير چيو ته موجوده حالتن باوجود امتحان شيڊيول موجب ٿيندا، جنهن لاءِ سڄي صوبي ۾ 1600 کان وڌيڪ امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.
هن چيو ته ڪراچي ۾ انٽر جا امتحان 25 اپريل ۽ ميٽرڪ جا امتحان 7 اپريل کان شروع ٿيندا، جڏهن ته سکر ڊويزن ۾ ميٽرڪ امتحان 30 مارچ ۽ انٽر امتحان 15 اپريل کان شروع ٿيندا.
اسماعيل راهو موجب امتحانن ۾ ڪاڇي روڪڻ لاءِ واٽر مارڪنگ سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي پيپر آئوٽ ڪندڙن جي فوري نشاندهي ٿي سگهندي.
ان کانسواءِ امتحاني مرڪزن جي نگراني لاءِ صوبائي سطح تي شڪايت سيل قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.
سنڌ حڪومت جو ڪاپي ڪلچر جي روڪٿام لاءِ وڏو قدم، هاڻي پيپر ليڪ ڪندڙ بچي نه سگهندا
You might also like