تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي آرمي چيف ايال زمير خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ضروري قدم نه کنيا ويا ته اسرائيلي فوج اندروني طور ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويندي.
هن چيو ته هو 10 ڳاڙها جهنڊا کڻي خبردار ڪري رهيو آهي ته جنگ جي ميدان ۾ ريزرو فوجي وڌيڪ نه وڙهي سگهندا.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ريزرو فوجين بابت قانونن ۾ ترميم ۽ ٻيا قدم نه کنيا ويا ته فوج کي اندروني بحران جو منهن ڏسڻو پوندو.