ڪوئيٽا/لاهور/پشاور(عوامي آواز نيوز)خيبر پختونخوا،پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي. بلوچستان جي علائقن جهڙوڪ چمن، قلعو عبدالله، پشين، قلات ۽ نوشڪي ۾ تيز طوفاني برسات ۽ ژاله باري سبب بيٺل فصلون، باغات ۽ ملڪيت کي شديد نقصان پهتو آهي. ان سان گڏ ڪوئٽه-چمن شاهراهه (N-25) جي ڪيترن ئي هنڌن تي ٽرئفڪ متاثر آهي.ان کان علاوه پاراچنار، ڪرڪ، ڏکڻ وزيرستان ۽ هنگو سميت خيبر پختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ به برسات جو سلسلو جاري آهي.بلوچستان ۾ تيز برساتن جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب صوبي جا گهڻا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته مختلف ضلعن مان جاني ۽ مالي نقصانن جون رپورٽون پڻ سامهون آيون آهن، موسميات کاتي موجب تازين برساتن دوران ڪيچ ضلعي ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا، ڪوهلو ۽ هرنائي ضلعن ۾ ڇتين ڪرڻ سبب هڪ نينگري سميت ٻه ماڻهو زخمي ٿيا هن، پنجگور، تربت، نوشڪي،کارانسميت مختلف علائقن ۾ تيز برسات ۽ ڳڙي سبب نالن ۽ نئين ۾ چاڙهه اچي ويو، جنهن سان ڪچن گهرن ۽ رستن کي نقصان پهتو آهي،ڪوئيٽا ۾ پڻ برسات سبب نيڪاسي آب جو نظام متاثر ٿيو، ڪيترائي نالا بند ٿيڻ ڪري شهري پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ پي ڊي ايم اي موجب ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ادارو الرٽ آهي۔ٻئي پاسي مستونگ ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، موسميات کاتي موجب برساتن جو هي سلسلو 29 مارچ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، شهرين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ ۽ احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔