اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز)صدر مملڪت آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري قيادت معاشي نظم و نسق، توانائي منصوبابندي، خوراڪ جي سيڪيورٽي ۽ سيڪيورٽي پاليسين کي هم آهنگ رکڻ تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حڪومتي فيصلن ۾ عوامي مفاد کي اوليت ڏني ويندي ۽ معاشي ۽ توانائي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي. صدر مملڪت آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اعليٰ سطحي اهم مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، گهرو وزير محسن رضا نقوي، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، توانائي وارو وزير علي پرويز ملڪ ۽ اقتصادي معاملن وارو وزير احد خان چيمه به شريڪ ٿيا.اجلاس ۾ عالمي سطح تي تيل ۽ گئس جي فراهمي ۽ انهن جي قيمتن ۾ ٿيندڙ لاٿ چڙهه جا پاڪستان جي معيشت تي پوندڙ اثرن جو جائزو ورتو ويو. شرڪت ڪندڙن مهانگائي جي دٻاءَ کي گهٽ ڪرڻ ۽ توانائي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ پيٽروليم وارن وزيرن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ، مهانگي ٻارڻ جا ٻين شعبن تي پوندڙ اثر گهٽ ڪرڻ ۽ خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ ڪفائت شعاري جا قدم جاري آهن.اجلاس ۾ علائقي جي مجموعي صورتحال ۽ ان جا پاڪستان جي سلامتي، معيشت ۽ خوراڪ جي نظام تي ممڪن اثرن جو پڻ جائزو ورتو ويو، ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مربوط قومي حڪمت عملي لازمي آهي.اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته معاشي نظم و نسق، توانائي منصوبابندي، خوراڪ جي سيڪيورٽي ۽ سيڪيورٽي پاليسين کي هم آهنگ رکڻ ضروري آهي ته جيئن موجوده حالتن جو مؤثر مقابلو ڪري سگهجي.اعليٰ سطحي اجلاس ۾ قومي اتفاقِ راءِ برقرار رکڻ ۽ ادارن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ عوام کي ٻارڻ جي گهٽ استعمال، پبلڪ ٽرانسپورٽ جي واڌاري ۽ ڪار شيئرنگ جهڙن قدمن کي اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو ويو. ان عزم جو ٻيهر اظهار ڪيو ويو ته حڪومتي فيصلن ۾ عوامي مفاد کي اوليت ڏني ويندي ۽ موجوده معاشي ۽ توانائي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع ۽ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي.ذريعن موجب اجلاس دوران وزيراعظم اهم ملاقات ۾ علائقي جي بدلجندڙ صورتحال ۽ ثالثي سان لاڳاپيل معاملن بابت صدر مملڪت کي تفصيلن سان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ قومي معاشي ۽ سياسي صورتحال تي پڻ مشاورت ڪئي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پاڪستان طرفان ممڪن ڳالهين (مذاڪرات) جي ميزباني بابت مختلف اهم معاملن تي تفصيلي صلاح مشورا ڪيا ويا.
اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهبازشريف جي اسلام آباد ۾ صدر آصف علي زرداري سان اهم ملاقات ٿي آهي۔وزيراعظم ۽ صدر جي ملاقات ايوانِ صدر ۾ ٿي، جنهن ۾ وچ اوڀر جي صورتحال ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ملاقات دوران ملڪ جي سلامتي، معاشي صورتحال ۽ توانائي بحران تي به تفصيلي ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف وچ اوڀر جي صورتحال ۾ پاڪستان جي ڪردار بابت صدر کي اعتماد ۾ ورتو۔ذريعن موجب صدر مملڪت علائقي جي موجوده صورتحال ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ملڪ هر ممڪن مثبت ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي۔صدر جو چوڻ هو ته پاڪستان نه رڳو پاڙيسري ملڪن پر سڄي دنيا ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پنهنجو تعميري ۽ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي۔