وزيراعظم جو سعودي ولي عهد سان رابطو،سفارتي ڪوششن بابت آگاهي

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهبازشريف اربع جي صبح محمد بن سلمان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي۔وزيراعظم هائوس جي بيان موجب، هن رابطي دوران شهباز شريف شهزادہ محمد بن سلمان کي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ سعودی عرب تي ٿيل تازن حملن جي سخت مذمت ڪئي۔بيان مطابق، شهباز شريف پاڪستان جي طرفان سعودي عرب ۽ ان جي عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو ۽ موجوده بحران دوران قيادت طرفان ڏيکاريل غير معمولي تحمل کي ساراهيو۔وزيراعظم فوري طور تي جنگ جي خاتمي ۽ حالتن کي معمول تي آڻڻ تي زور ڏنو ته جيئن علائقائي صورتحال مستحڪم ٿي سگهي۔ هن سعودي ولي عهد کي پاڪستان جي تعميري سفارتي ڪوششن بابت به آگاهه ڪيو، جنهن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ اختلافن کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏنو ويو۔وزيراعظم هائوس موجب، سعودي ولي عهد پاڪستان جي امن ڪوششن کي ساراهيو ۽ ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن وچ ۾ هر سطح تي ويجهي رابطي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.