تهران(عوامي آواز نيوز)ايران وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي مقرر ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي سخت ۽ واضح ردعمل ڏنو آهي۔ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف خبردار ڪيو آهي ته علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ آمريڪي فوجي نيتن ياهو جي پاليسين جو نشانو بڻجي سگهن ٿا۔ايران چيو آهي ته هو علائقي ۾ آمريڪا جي سڀني سرگرمين، خاص طور تي فوجي حرڪتن، تي گهري نظر رکي رهيو آهي،قاليباف سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي بيان ۾ چيو ته تهران آمريڪي قدمن کي مسلسل مانيٽر ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي سرزمين جي دفاع لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي۔قاليباف سخت لهجي ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪي ڪجهه جرنيلن خراب ڪيو آهي، اهو فوجي درست نٿا ڪري سگهن، پر هو نيتن ياهو جي وهمن جو شڪار بڻجندا۔ هن خبردار ڪيو ته ايران جي عزم کي آزمانڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي۔