راولپنڊي(عوامي آواز نيوز)پاڪستان ايڪس سروس مين سوسائٽي جي صدر جنرل (ر) عبدالقيوم چيو آهي ته ايران سان جنگ ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل هاڻي فِيس سيونگ (پنهنجي عزت بچائڻ) چاهين ٿا، جڏهن ته آمريڪا جي ساک زيرو ٿي چڪي آهي، تنهنڪري اسان کي احتياط سان اڳتي وڌڻ گهرجي.راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس دوران جنرل (ر) عبدالقيوم چيو ته ٿورن ماڻهن جي ڪا اهميت ناهي، پوري دنيا پاڪستان تي اعتماد ڪري ٿي، جنهن جا آمريڪا ۽ ايران ٻنهي سان سٺا لاڳاپا آهن.هن چيو ته توانائي کان سواءِ ملڪ نٿا هلي سگهن، تيل ۽ گئس تي ڪيتريون ئي جنگيون ٿي چڪيون آهن، ۽ پهرين عالمي جنگ جي بنياد به تيل ۽ گئس ئي هئا.هن وڌيڪ چيو ته آبناءِ هرمز بند ٿيڻ سان تيل جون قيمتون تمام گهڻيون وڌي ويون آهن، ڪيترن ئي ملڪن ايمرجنسي لاڳو ڪئي ۽ آمريڪا به متاثر ٿيو.هن چيو ته اسرائيل جي خواهش هئي ته ايران کي بلڪل ختم ڪيو وڃي، اسرائيل آمريڪي صدر کي استعمال ڪيو، ۽ آمريڪا جو ايران ۾ اچڻ جو مقصد چين کي به نشانو بڻائڻ هو.جنرل (ر) عبدالقيوم اهو به چيو ته آمريڪا ڳالهين دوران ايران تي حملو ڪيو، ايران هڪ مزاحمتي قوم آهي، تنهنڪري هنن مقابلو ڪيو، ۽ هاڻي آمريڪا ۽ اسرائيل فِيس سيونگ چاهين ٿا.هن چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪردار کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي، ملٽري ۽ سول قيادت هڪ ٽيم طور ڪم ڪري رهي آهي، ۽ پاڪستان اسرائيل لاءِ ڪنڊي وانگر آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايران جيڪا ضمانت چاهي ٿو اها گڏيل قومن کان اچڻ گهرجي، جڏهن ڌريون ميز تي ويهن ٿيون ته آسان شرطن تي ڳالهه ٿيندي آهي،هن چيو ته اسان کي محتاط انداز ۾ اڳتي وڌڻو پوندو. ڪجهه ماڻهو پاڪستان کي فرقيواريت ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته عوام کي پنهنجي فوجي قيادت تي مڪمل ڀروسو آهي.هن چيو ته ڀارت جي قيادت ناڪام ٿي آهي، نريندر مودي کي “ڊڪليئرڊ دهشتگرد” قرار ڏنو ويو آهي، ۽ ڀارت هن وقت عالمي سطح تي اڪيلائي جو شڪار آهي.