اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته سنڌ جي تاريخ، تهذيب، سنڌ جون مهان سياسي، سماجي ادبي فني شخصيتون، سندن ادب، فن، سياسي ڪارنامن کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي عظمت کان دنيا اڻ واقف آهي. اسان عالمي سياست، ادب ۽ تاريخ کي ته انگريزي ۽ ٻين ٻولين مان ترجمو ڪري سنڌ واسين کي ان متعلق باخبر پئي رکيو آهي پر ان شئي جي ضرورت هميشه کان محسوس ٿيندي رهي آهي ته جيئن اسان دنيا کي سڃاڻيون ٿا تيئن باقي سڄي عالم سنڌ کان به متعارف ڪرايون. ان سلسلي ۾ اسان جڏهن به ڪا عملي وک کنئي آهي ته اها سئو سيڪڙو ڪامياب به وئي آهي، مثال طور انگريزن جي حڪمراني واري دور ۾ ايڇ ٽي سورلي کي ڀٽائي صاحب جو هڪ شعر سمجهڻ لاءِ ترجمو ڪرائڻو پيو ته اهو ان شعر مان ايڏو ته متاثر ٿيو جو هن پوءِ ڀٽائي صاحب جي سڄي رسالي کي پڙهيو ته هن کي ضرورت محسوس ٿي ته هو ڀٽائي جي شاعري تي انگريزي ۾ ڪتاب لکي ۽ دنيا کي ٻڌائي ته سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي نالي هڪ اهڙو شاعر ٿي گذريو آهي جنهن کي هو دنيا جو سڀ کان عظيم شاعر تسليم ڪري ٿو. ايئن انور پيرزادي صاحب “ جهوڪ ڪميون“ نالي انگريزي ۾ هڪ ڪتاب لکڻ جو ارادو پيو رکي ته جيئن دنيا کي خبر پوي ته دنيا ۾ سوشل ازم جو باني سنڌ جو صوفي شاهه عنايت هو جنهن ڪارل مارڪس جي پيدا ٿيڻ کان هڪ صدي اڳ ”جيڪو کيڙي سو کائي“ جو انقلابي نظريو ڏنو هو. ايئن هندستان جي آرڪيالاجسٽ سر جان مارشل جڏهن مهين جي دڙي جي تهذيب کي دريافت ڪيو ته سڄي دنيا کي پوءِ ئي معلوم ٿيو ته دنيا جي پهرين عظيم ۽ جمهوري رياست مهين جي دڙي جي کنڊر مان ملي آهي. وري ستر جي ڏهاڪي ۾ علي بابا جي ڊرامي ” دنگي منجهه درياهه“ کي جڏهن ڊرامن جي فيسٽيول ۾ مقابلي لاءِ رکيو ويو ته ان عالمي ڊرامن جي مقابلي ۾ ٽيون نمبر حاصل ڪيو. اهي مثال ثابت ڪن ٿا ته سنڌ کي عالمي سطح تي جڏهن به متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ان ڪم کي ريڪارڊ ڪاميابي ملي آهي.
هن وقت جڏهن ملڪ اندر فلم انڊسٽري مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪي آهي ته اهڙي ناسازگار ماحول ۾ سنڌ جي هاري تحريڪ جي علامت مائي بختاور جي زندگي تي ٽيهن منٽن جي شارٽ فلم ٺاهڻ جو تجربو ڪيو ويو ته ان فلم به عالمي ايوارڊ حاصل ڪري ورتو. پاڪستان ۾ هونئن به ڀارتي فلمن جي ڌاڪ رهي آهي پر هن فلم کي ڀارت ۾ به وڏي پذيرائي ملي آهي. رپورٽن موجب شاهنواز ڀٽي جي هدايت ڪاري ۾ ٺهيل هن فلم کي ڪولڪتا جي بيلواگونه فلم فيسٽيول ۾ بهترين شارٽ فلم، بهترين اسڪرپٽ، بهترين ڊائريڪشن ۽ بهترين اداڪاري جا چار ايوارڊ مليا آهن.
ان فلم بابت وسعت الله خان پنهنجي مشهور ٽي وي پروگرام ”ذرا هٽ ڪي“ ۾ به بهترين ۽ تفصيلي تعارف پيش ڪيو آهي. ان پروگرام ۾ ان فلم جي خالق شاهنواز ڀٽي ۽ مائي بختاور جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا ڪيف غزنوي کي به مهمان طور گهرايو ويو ۽ انهن کان ان فلم بابت انٽرويو وٺندي معلومات ورتي وئي. ان پروگرام ۾ ڳالهائيندي فلم ڊائريڪٽر شاهنواز ڀٽيءَ چيو ته هن پروجيڪٽ جو ابتدائي خيال يا آئيڊيا سنڌ جي صوبائي وزير سردار علي شاهه پيش ڪيو هو ۽ پوءِ اها فلم ٺاهڻ لاءِ اسان مائي بختاور جي وارثن سان ملياسين. جڏهن ته تاريخي طور خادم علي شاهه جي مائي بختاور تي لکيل ڪتاب مان مدد ورتي سين. واضح رهي ته خام علي شاهه سنڌ ثقافت کاتي جي موجوده وزير ذوالفقار علي شاهه جو والد آهي. فلم بندي عمرڪوٽ جي صحرائي علائقن ۾ ڪئي وئي. جڏهن ته مائي بختاور جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ مشهور اداڪارا ڪيف غزنوي کي وڏي محنت ڪرڻي پئي جنهن جو ڦل به کيس ايوارڊ جي صورت ۾ مليو آهي. ڪولڪتا ايوارڊ واري ڪاميابي کان پوءِ هدايت ڪار شاهنواز ڀٽيءَ کي اهو اتساهه پڻ پيدا ٿيو آهي جيڪو جائز به آهي ته هو چاهي ٿو ته جيڪڏهن مالي وسيلا مهيا ڪيا وڃن ته هو هن موضوع تي هڪ مڪمل فيچر فلم به ٺاهي سگهي ٿو.
هن شارٽ فلم جو بنيادي مقصد يقينن مائي بختاور جي زندگيءَ جي هن اهم باب کي جديد انداز ۾ پيش ڪرڻ آهي، جيئن اڄ جي نوجوان نسل کي پنهنجي تاريخ سان ڳنڍي سگهجي. فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن هڪ عام هاري عورت پنهنجي اندر جي طاقت سان غيرمعمولي جرئت جو مظاهرو ڪري ٿي. فلم جي ڪهاڻي سادي آهي، پر ان جو پيغام انتهائي طاقتور آهي: ظلم خلاف بيهڻ، پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽ خوف کي شڪست ڏيڻ.
هيءَ فلم نئين نسل لاءِ به هڪ سبق آهي. اڄ جو نوجوان گهڻو ڪري مغربي ثقافت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي سحر ۾ پنهنجي تاريخ کان پري ٿيندو پيو وڃي. مائي بختاور جهڙيون فلمون انهن کي ياد ڏيارين ٿيون ته انهن جي سڃاڻپ ۽ طاقت انهن جي پنهنجي ماضي ۾ لڪل آهي. جڏهن هڪ نوجوان اهڙي ڪهاڻي ڏسي ٿو، ته سندس اندر به پنهنجي حقن لاءِ بيهڻ جو جذبو پيدا ٿئي ٿو.
مائي بختاور شارٽ فلم کي هڪ اهم ۽ اتساھيندڙ ڪوشش طور ڏسڻ گهرجي. هيءَ فلم نه صرف هڪ تاريخي ڪردار کي خراج پيش ڪري ٿي، سنڌ جي ڌرتيءَ کي اهڙن ڪردارن تي فخر آهي، ۽ مائي بختاور شارٽ فلم انهن ڪردارن کي زنده رکڻ جو هڪ خوبصورت ذريعو آهي. اها اميد رکجي ٿي ته اهڙيون وڌيڪ فلمون ٺهنديون، جيڪي نه صرف تفريح مهيا ڪن، پر سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جو سبب به بڻجن.اسان مائي بختاور فلم جي تجربي، ان جي ڪاميابي ۽ عالمي ايوارڊ ماڻڻ جي سنڌ کي مبارڪ باد پيش ڪيون ٿا.