ھيءَ صرف ڪائي ڪھاڻي ناھي. ھيءَ ھڪ مُڪمل جنگ آھي. وڏيرا ۽ ڀوتار جيڪي عوام کي پنھنجي بُوٽن جي ڌُوڙ سمجھندا آھن، ۽ جيڪي عوام جي ووٽن، جسمن، ۽ مستقبل جا مالڪ بڻيل آھن. اُھي ساڳئي عوام سان ڇا ڇا نه ڪندا آھن. اھي ظلم ۽ زيادتيون ڪندا آھن. ماڻھن کي ماريندا آھن، قتل ڪندا آھن. رشوتون وٺندا آھن، قانون کي پنھنجي گھر ۽ در جو غلام سمجھندا آھن، ۽ انصاف کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. وڏي ڳالهه ته اسان کي انھن آڏو جُھڪڻ جو چيو ويندو آھي، پر منھنجو والد جُھڪيو نه، ۽ اُن پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏي.
توھان کي نه وسارڻ گُھرجي ته منھنجي والد انھن جو بھادريءَ سان مقابلو ڪيو، ۽ ان جي عيوضي ۾ ھن کي پنھنجي جان جي قيمت ڏيڻي پئي. مون کي ھن موقعي تي دنيا جي عظيم انقلابي رھنما چي گويرا جا ھي لفظ ياد اچن ٿا: دنيا ۾ اوچو ڳاٽ ڪري ھلڻ جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آھي، ۽ ڪنڌ جُھڪائڻ يا سرينڊر ڪرڻ جو عيوضو ملندو آھي! سچ پچ ته ڪربلا جي ميدان ۽ ھاڻوڪي ايران جي جنگ تائين بھادريءَ جي اھڙن مثالن سان تاريخ ڀري پئي آھي. مون کي فخر آھي ته مان ان بھادر پيءُ جي ڌيءَ آھيان، جنھن ظلم سان زبردست ٽڪر کاڌو، ۽ پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏي، پر ڪنڌ نه جُھڪايو. ڳالهه رڳو بابا جي به نه آھي. منھنجي بزرگ ڏاڏا سائين، ۽ نوجوان چاچا جان کي به وڏي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. اھو سڀ ڪجھه انڪري ٿيو جو ھڪ مُڙس ماڻھوءَ ظُلم ۽ ڏاڍ آڏو جُھڪڻ کان انڪار ڪيو.
ھاڻي انھن ٽن ماڻھن جي قتل ڪيس جو فيصلو 30 مارچ تائين محفوظ ڪيو ويو آھي، ۽ اسان سڀني کي ان ڏينھن جو انتظار آھي. ڪنھن کي ڪيئن ٻڌائجي ته گذريل 8 ورھين کان انصاف جي ڳولا ڪيتري نه اذيت ڏني. ھڪ ھڪ لمحو تڪليف ۾ گذريو، پر مان وري به مايوس ناھيان، ۽ اسان مان ڪنھن کي به مايوس نه ٿيڻ گھرجي، ڇو ته مان چئي چڪي آھيان ته ھيءَ ڪا ڪھاڻي نه، ھڪ مڪمل جنگ آھي، جيڪا اسان سڀني کي لازمي طور وڙھڻي آھي. منھنجي والد جُدوجھد ڪئي ته جيئن اسان آزاد رَھي سَگھون. مان ھِي سَڀ ڪجهه ھمدردي حاصل ڪرڻ لاءِ نٿي لِکان. مان لِکان ٿي اُنڪري ته جيئن توھان جاڳو، اُٿو، ڳالههايو، ۽ وڙھو، ڇاڪاڻ جو ايندڙ گولي خُدا نه ڪري توھان لاءِ به ٿي سگھي ٿي.
مان اُمِ رُباب آھيان. مُنھنجي خاندان وقار خاطر جان ڏني. مان ته اُن کان به اڳتي پنڌ ڪنديس، وڙھنديس، ۽ جيئنديس. ھاڻي توھان فيصلو ڪريو، ته توھان کي ڇا ڪرڻو آھي؟ھِيءَ سنڌ وڏيرن ۽ ڀوتارن، سردارن ۽ نوابن جي ناھي. ھِيءَ سنڌ اَسانجي آھي، ۽ اسان لاءِ ماءُ وانگر آھي. اسان ھن ڌرتيءَ تي ھر ماڻھوءَ سان انصاف چاھيون ٿا، پر منھنجي پيارن جي قتل ڪيس ۾ انصاف تمام گھڻي دير ڪري ڇڏي آھي.
سنڌ جا جاگيردارو! توھان کي لڳندو آھي ته توھان ھُجوم گُھرائي اُن جي پُٺيان لِڪي سَگھو ٿا. توھان انصاف لاءِ نٿا ڳالههايو. بس رُڳو لِڪي وڃڻ لاءِ ٿا ڳالهايو. توھان گھٽين ۾ لاش چاھيو ٿا. بلڪل! رڍن وانگر نعرا ھڻندڙ، ته جيئن توھان فيصلي واري ڏينھن پاڻ کي مَظلوم ڏيکاري سَگھو. اُھو انصاف ناھي، پر تماشو آھي. توھان سرڪس لڳائي رھيا آھيو، ڇو جو توھان کي حقيقي عدالت جو خوف ڊيڄاري ٿو. جيڪڏھن مُون ھِنن کي بي نقاب ڪيو ته ڇا ٿيندو؟ ھِي سَڀ ڪرائيدار آھن، زمينن جا، خوف جا، لالچن جا، واعدن جا خريديل، جيڪي وڏيرا ۽ ڀوتار ڪڏھن به پُورا ناھن ڪندا، ته پوءِ ھاڻي ڀلي اڳيان اچو، پنھنجي ھُجومن سان اچو، ڇو جو مان تنھا بيٺي آھيان، ۽ مان اَڄ به اَٽل آھيان.
مُون کي ھُجوم نه کپي. مُون کي سچ کپي، ۽ سچ ڪڏھن به نمائش ناھي ڪندو. سچ ھُجوم ۽ جَٿا به گڏ نه کڻندو آھي. سچ ته ھميشه اڪيلو ھوندو آھي، جيئن ڪالھ ڪربلا ۾ اڪيلو ھو، ۽ اَڄ ايران ۾ اڪيلو آھي. سچ وڍجندو ويندو آھي، پر مات ناھي کائيندو. توھان اُن انسان سان مھاڏو نٿا اَٽڪائي سَگھو، جيڪو جُھڪڻ کان انڪار ڪري. تاريخ ٻُڌائي ٿِي ته سچ دراصل ان انڪار جو ئي نالو آھي، جيڪو ظُلم ۽ ظالم آڏو ڪيو وڃي، ۽ اُن سچ لاءِ ئي چيو ويو آھي ته ٿِي تند وڙھي تلوارن سان.
اي وڏيرڪي ۽ ڀوتارڪي نظام جا مُتاثر لوڪو! توھان جي خاموشي پريشان ڪندڙ ضرور آھي، پر توھان سڀني منجھه ھڪ آنڌ مانڌ پڻ موجود آھي، جيڪا بقا جي علامت آھي. اُھو ٻُڌي ڇڏيو ته ڏوھ توھان جو به ناھي، پر اُھو اُنھن ظالمن جو آھي، جيڪي توھان کي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏسي مُسڪرائيندا آھن، ۽ اُھي توھان کي چَوندا آھن ته ھيءَ خانداني روايت آھي. مان نٿي چَوان ته توھان جي خاموشي شرمناڪ آھي، پر سماج کي گڏيل طور شرمساري ضرور ٿيڻ گُھرجي.
ياد رکو! اُھي توھان کي چوندا ته عبادتون ڪريو، محنت ڪريو، خاموشي اختيار ڪريو، پر ايئن ناھي. گناھ ھميشه انھن جو آھي، اھي ھميشه قتلام ڪندا آھن، زيادتيون ڪندا آھن، ۽ توھانجي ووٽ جي چوري ڪندا آھن، پر ھميشه توھان خاموش رھندا آھيو، اُھو ھڪ خوف آھي، ۽ ان ۾ لالچ جو عنصر پڻ شامل آھي. وقت اچي ويو آھي ته خوف ۽ لالچ شڪست ڏجي. توھان اُٿو انتقام لاءِ نه، پر سچ لاءِ، ڇو جو جنھن ڏينھن توھان اُھو چيو ته ھِي غلط آھي، ته ان ڏينھن اُھي ھارائجي ويندا، ۽ جنھن ڏينھن اُھي ھارائجي ويندا، اُھو فيصلا ڪُن ڏينھن ھوندو. اُنھن لاءِ نه، پر اسان لاءِ، ۽ سڄي سماج لاءِ.
ٿورو غور سان ٻُڌو! توھان سمجھو ٿا ته توھان ڪمزور آھيو، پر اِيئن ناھي. توھان زندھ آھيو، ۽ اُھو ھِن سڀني کان وڌيڪ اَھم آھي، جيڪو توھان چاھيو ٿا. منھنجو مثال توھانجي سامھون آھي. اُنھن مُنھنجي خاندان جي ٽن فردن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو، پر مان اڄ به بيٺي آھيان، ۽ اَٽل آھيان، پنھنجي وطن جي پَھاڙن وانگر. توھان کي ڪنھن جي ھمت جي ضرورت ناھي، پر توھان کي ڪاوڙ جي ضرورت آھي، اُن وڏيري ۽ ڀوتار تي ڪاوڙ، جنھن توھان جي زمين کسي ڇڏي، اُن پوليس اھلڪار تي ڪاوڙ، جنھن قانون کان مُنھن موڙيو، ۽ اُن حُڪمران تي ڪاوڙ، جيڪو جمھوريت جي آڙ ۾ آمر بڻجي ويو آھي. جيڪڏھن توھان پنھنجي رُوح، ضمير، دِل، ۽ دماغ ۾ اھڙي ڪاوڙ پئدا ڪري ورتي، ته پوءِ دنيا جي ڪا به طاقت توھان کي ھارائي نٿي سَگھي. ھي وڏيرڪو ۽ ڀوتارڪو نظام ته واريءَ جي ڀِت آھي، جنھن کي ھِڪ لَتَ ھڻي ڪيرائي سَگھجي ٿو.
ياد رکو! ڪاوڙ ڪا شاعري ناھي. ڪاوڙ سرگوشي ناھي ڪندي. ڪاوڙ رڙيون ڪندي آھي، ته پوءِ ھلو ڪاون تي ھلو، پنھنجا پير پِٿون ڪريو، ۽ تيستائين ڀرپور آواز اُٿاريو، جيستائين توھان جي نِڙي رَتُ سان ڀَرجي نه اَچي. روڊن رستن تي للڪاريو، جيستائين توھان جا پاڙيسري ڌيان نه ڌرين. پنھنجي پيرن جي آواز سان زمين کي کڙڪايو، ۽ آسمان ڏانھن نھاري نعرا بُلند ڪريو، جيستائين خُدا جواب نه ڏئي، ڇو جو جنھن گھڙيءَ توھان اُھو ڏيکاءُ بند ڪيو، ته اُھو سڀ نارمل آھي، جنھن گھڙيءَ توھان اُھو چوڻ بند ڪيو، ته بس اِيئن ئي آھي، ته گھڻو ڪجهه بَدلجي ويندو، ۽ مان سمجھان ٿِي ته سَڀ ڪجهه بَدلجي ويندو. اُھو ئي ھِڪ طريقو آھي، جنھن سان ظُلم جو خاتمو اِيندو.مان اُن لمحي جي ڳالهه ڪري رَھي آھيان، جڏھن توھان جاڳندا ۽ ھُو ھارائڻ شُروع ڪندا. مون پنھنجو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو آھي، پر پنھنجو آواز نه وڃايو اَٿم، ۽ يقين سان چوان ٿِي توھان به نه ھارائيندئو، ته پوءِ اُٿو! ھينئر ئي ٻاھر نڪرو. ھِيءَ ڳالهه ھڪ شخص کي ٻُڌايو، پوءِ ٻِن کي، ۽ پوءِ ڏھن کي، ۽ پوءِ ڏسو ته قافلو ڪيئن ٿو جُڙي! ظالمن کي ٻُڌايو ته ھِيءَ ڪا قسمت ناھي. ھيءَ چوري آھي- اُنھن کي ٻُڌايو ته اسان غلام ناھيون، اسان زندھ آھيون- اُنھن تي واضح ڪريو ته اُمِ رُباب جو خاندان اُن لاءِ مري ويو ته جيئن اسان زندھ رَھي سَگھون، ۽ اسان اڳتي به جيئنداسين، بنا ڪنھن خوف، لالچ ۽ غُلاميءَ جي!
ھاڻي وڃو! اجازت جو انتظار نه ڪريو. انصاف جو انتظار نه ڪريو. اُھو وٺي ڏيکاريو. ھِي به تاريخ جو تلخ سچ آھي ته حق پِنڻ سان نه، وڙھڻ سان مِلندا آھن، ۽ انصاف ڳنھڻ سان نه، ڇِنڻ سان مِلندو آھي. مُون کي انتظار رَھندو ته توھان اُٿو، جاڳو ۽ پنھنجي حقن لاءِ جُدوجھد ڪريو. خاص طور تي قانون جي حُڪمراني ۽ انصاف جي حُصول لاءِ، ۽ نئين سماج جي پِيڙھ جو پَٿر رَکو. جيڪڏھن توھان اسان اُھو سڀ ڪجهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿِي وياسين ته سَڀني کان بَھتر ھُونداسين، نه ته اُنھن کان به بَدتر، جن سان اسانجو مُقابلو آھي. ھاڻي فيصلو توھان کي ڪرڻو آھي ته توھان پنھنجي اِيندڙ نسلن آڏو سُرخرو ٿيڻ چاھيو ٿا، يا وري شرمسار!