پي ايس ايل 11 سڀاڻي کان شروع، دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز جو حيدرآباد ڪنگزمين دنگل

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جو يارهون ايڊيشن 26 مارچ (سڀاڻي) دفاعي چيميپئن لاهور قلندرز ۽ حيدرآباد ڪنگز مين جي دنگل سان شروع ٿيندو.
ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز ۽ پهريون ڀيرو ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙ حيدرآباد ڪنگزمين وچ ۾ کيڏي ويندي، جيڪا لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ شام ستين وڳي شروع ٿيندي.
واضح رهي ته ميگا ايونٽ جون ڏينهن واريون ميچون منجهند اڍائي وڳي جڏهن ته ڊي نائيٽ ميچون شام ستين وڳي شروع ٿينديون.
واضح رهي ته پڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳ پي ايس ايل 11 جون ميچون رڳو ڪراچي ۽ لاهور ۾ بنا تماشائين جي ڪرائڻ ۽ ٽورنامينٽ جو اعلان ڪري چڪو آهي.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي موجب، بچت پاليسي تحت ٽورنامينٽ رڳو ٻن شهرن ۾ ۽ تماشائين جي بنا ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، شوقينن کان معذرت ڪيون ٿا، ٽڪيٽن جا پيسا واپس ڏنا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.