جاپان جي سهر فوڪوشيما مان هڪ پراسرار مخلوق جي باقيات دريافت ٿي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب فوڪوشيما جي هڪ پراڻي گهر مان ملندڙ باقيات اڌ انسان ۽ اڌ مڇي معنيٰ ڪنهن جل پري جهڙي مخلوق جون آهن.
ان خوفناڪ ڍانچي ۾ تکا ڏند، هڏا هٿ ۽ مڇيءَ جهڙو پُڇ واضح طور ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته ان دريافت کانپوءِ مختلف قسمن جون اڳڪٿيون ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن.
ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته اهو ڍانچو هڪ قديم ”ڪپا“ نالي آبي مخلوق جي موجودگي جو ثبوت ٿي سگهي ٿو، جنهن کي جاپان جي لوڪ داستانن ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
توڙي جو اها دريافت دلچسپ آهي پر محققن اڃا تائين ان جي حقيقت جي تصديق ناهي ٿي.
Prev Post
You might also like