لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سُپر ليگ ۾ فرنچائز حيدرآباد ڪنگز جي نمائندگي ڪندڙ نوجوان ڪرڪيٽر عرفان خان نيازي چيو آهي ته سندس مقصد رڳو ٽيم لاءِ سٺو کيڏڻ آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جتي ٽيم کي ضرورت هوندي آهي، هو اتي بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هن وقت سندس ڌيان پي ايس ايل تي آهي ۽ هو چاهي ٿو ته ٽيم لاءِ بهترين نتيجا ڏئي.